پنهون فقير ٻرڙو

پنهون فقير ٻرڙو: پنهون فقير ٻرڙو سردار ملڪ غيبي خان جي دؤر جو هڪ نيڪ بزرگ هو. سدائين ساوا ڪپڙا پائيندو هو. سندس چپ هر وقت چرپر ڪندا رهندا هئا. چيو وڃي ٿو ته هي فقير رات ڏينهن صلواة پڙهندو هو. وفات وقت تائين اهو ورد جاري رکيائين. سال 1120هه/ 1708ع ۾ وفات ڪيائين، سندس جنازي نماز ملڪ غيبي خان پاڻ پڙهائي، سندس قبر تعلقي وارهه جي رائنڪن جي قبرستان ۾ آهي.


لفظ پنهون فقير ٻرڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو